اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پرڏيهي وزارت کي ڊاڪٽر عافيه جي خيريت ۽ ان جي جلد آزادي ??ي لا??ِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي ملاقات ڪئي. هن وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي ??ڪومت پاران ڊاڪٽر عافيه جي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو ۽ درخواست ڪئي ته حڪومت ڊاڪٽر عافيه جي جلد آزادي ??ي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي وڌائي. وزيراعظم ڊاڪٽر فوزيه صديقي کي پاڪستان حڪومت پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريندي پرڏيهي وزارت کي ڊاڪٽر عافيه جي خيريت ۽ ان جي جلد آزادي ??ي لا??ِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ڊاڪٽر عافيه جي لاءِ انصاف حاصل ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر فوزيه جي ڪيترن ئي سالن کان اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو ۽ ڊاڪٽر عافيه جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف به ڊاڪٽر عافيه جي آزادي ??ي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪ??ي هئي.
وزيراعظم پاران پرڏيهي وزارت کي ڊاڪٽر عافيه جي خيريت جي خبر وٺڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ