اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوجوانن کي عالمي معيار جي اعليٰ تعليم فراهم ڪرڻ حڪوم?? جي اولين ترجيح آهي، حڪومت انهن کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف سان عالمي تعليم ۽ تدريس، يونيورسٽي آف لنڊن ??ي پرووائيس چانسلر پروفيسر ميري ستياسني ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مختار احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئ??. م??اقات ۾ پروفيسر ميري ستياسني يونيورسٽي آف لنڊن ??ي پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ قدمن تي روشني وڌي. وز??راعظم يونيورسٽي آف لنڊن جي انهن قدمن کي ساراهيو. ان موقعي تي وز??راعظم چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي عالمي معيار جي اعليٰ تعليم فراهم ڪرڻ حڪوم?? جي اولين ترجيح آهي. حڪومت مل?? جي نوجوانن کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت يونيورسٽين ۾ باصلاحيت نوجوانن کي ليپ ٽاپ فراهم ڪري انهن کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪري رهي آهي. پروفيسر ميري ستياسني ??ي پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.
نوجوانن کي عالمي معيار جي اعليٰ تعليم فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ