گلگت – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظ?? انوارالحق ڪاڪڙ گلگ?? بلتستان جي معاشي بحالي جي لاءِ ??وس حڪمت ع??لي جوڙڻ ۽ حڪومتي سبسڊي تي ڀاڙڻ بدران مقامي پوکيءَ جوڳي زمين کي استعمال ۾ آڻي ڀاڻڀرائپ تي زور ڏيندي چيو آهي ته گلگ?? بلتستان جي گهڻن مسئلن جو حل علائقي ۾ سيڙپڪاري سان واڳيل آهي، شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي، مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙڻ ناقابل برداشت آهي ۽ اهڙن عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگ?? بلتستان ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ لاڳپايل نگران وفاقي وزير، گلگ?? بلتستان ڪابينا جا ميمبر، چيف سيڪريٽري گلگ?? بلتستان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر موجود هئا. اجلاس ۾ گلگ?? بلتستان جي قيادت نگران وزيراعظم کي مختلف مسئلن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ گلگ?? بلتستان ۾ ڪڻڪ جي پيداوار تي سبسڊي جي فراهمي جو معاملو بحث هيٺ آيو. نگران وزيراعظم گلگ?? بلتستان کي وفاق پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. نگران وزيراعظم گلگ?? بلتستان جي قيادت کي حڪومتي سبسڊي تي ڀاڙڻ بدران پوکيءَ جوڳي زمين جي زرعي صلاحيت کي مڪمل طور تي استعمال ۾ آڻي پاڻڀرائپ آڻڻ جي تلقين ڪئي. نگران وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي سمورن شعبن کي پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ پاڻڀرائپ پيدا ڪرڻ طرف پنهنجو ڌيان ۽ توانائي ڏيڻي پوندي تڏهن ئي ملڪي معيشت بحالي جي رستي تي گامزن ٿيندي. گلگ?? بلتستان ڪابينا جي وزيرن نگران وزيراعظم کي گلگت ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي فروغ لاءِ تجويزون ڏنيون. نگران وزيراعظم عملدارن کي گلگ?? بلتستان جي معاشي بحالي جي لاءِ حڪمت ع??لي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته گلگ?? بلتستان جي گهڻن مسئلن جو حل علائقي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري سان واڳيل آهي. اجلاس ۾ گلگ?? بلتستان ۾ فرقيواراڻي انتشار جي بنياد تي امن امان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي ۽ مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙيندڙ عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.
گلگت بلتستان جي گهڻن مسئلن جو حل علائقي ۾ سيڙپڪاري سان واڳيل آهي، شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي، مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙڻ ناقابل برداشت آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil