اسلام آباد- 30 آڪٽوبر (اي پي پي)نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز احمد بگٽي چيو آهي ته پاڪستان ۾ غي?? قانوني طور رهندڙ ماڻهن کي اڄ 31 آڪٽوبر تائين پاڪستان مان وڃڻ جي ڊيٽ لائن ڏني وئي آهي، نيڪاليءَ جو معاملو غي?? قانوني رهندڙن جي خلاف آهي، ڪنهن مخصوص گروهه جي خلاف ناهي، غي?? قانوني طور رهندڙ افغان شهرين کي ويجهي بارڊر تائين پهچايو ويندو، اهي پاڪستاني جن غي?? قانوني ماڻهن کي گهر ڪِرائي تي ڏنو آهي اهي به ڏوهه ۾ برابر جا شريڪ آهن، اهڙن ماڻهن لاءِ موقعو آهي ته هو غي?? قانوني رهندڙ ماڻهن بابت اطلاع ڏين. اهڙو اظهار هن وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، ڊاڪٽر نديم جان ۽ ٻين وفاقي وزيرن سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ ڪابينه اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪ??و. نگران گهرو وزير ٻُڌايو ته اسان پرڏيهين کي ملڪ مان نڪرڻ لاءِ اڄ 31 آڪٽوبر جي ڊيٽ لائن ڏني هئي، ان دوران رضاڪاراڻي طور تي پنهنجي ملڪ واپس ويندڙن کي هر ممڪن سهڪار ۽ سهولت فراهم ڪئي وئي. هاڻي ڪجهه ڪلاڪ باقي آهن جيڪي مقرر وقت تائين پاڪستان نه ڇڏيندا انهن وٽ ويزا ۽ پاسپورٽ نه هوندو انهن کي دي پورٽ ڪي?? ويندو. هن چيو ته وڏي انگ ۾ افغانستان جا ماڻهو آهن ۽ـ اسان گذريل 40 سالن کان انهن جي ميزباني ڪري رهيا آهيون. اهو تاثر غلط آهي ته صرف افغانستان جي ماڻهن کي ڪڍيو پيو وڃي. هن چيو ته نيڪاليءَ دوران عورتن ۽ بزرگن جو احترام ڪي?? پيو وڃي. ٻارن سان شفقت وارو رويو اختيار ڪي?? پيو وڃي، اٽڪل 2 لک جي لڳ ڀڳ غي?? قانوني ماڻهو ٻن مهينن دوران واپس ويا آهن. هن چيو ته غي?? قانوني رهندڙ ماڻهو واپس پنهنجن ملڪن ڏانهن وڃن، قانوني دستاويزي حاصل ڪري واپس اچي سگهن ٿا. ويزا وٺي ڪري هتي ٻيهر ڪاروبار ڪري سگهن ٿا. ان موقعي تي صحت بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان وفاقي ا??پت??لن جي سربراهيءَ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ ٻُڌايو ته اسان قانون مطابق سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهيون، ڀرتين جو عمل شفافيت سان مڪمل ٿيندو، جتي قانون ۽ ميرٽ جي خلاف ورزي ٿئي ميڊيا ان کي اجاگر ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته گريڊ هڪ کان 21 گريڊ جون ڀرتيون قانون مطابق عوامي ضرورتن مطابق ڪنداسين. هن چيو ته اسان کي گهٽ وقت مليو آهي، ٻن مهينن ۾ اسان سڌارا آڻي رهيا آهيون. مذهبي معاملن واري وزارت جي نمائندي ٻُڌايو ته سيڪريٽريءَ جي ڪرنٽ چارج ايڊيشنل سيڪريٽريءَ کي سونپي وئي آهي، 550 ملين رپيا پي آءِ اي کي جلد ادا ٿي ويندا. حج پاليسي 24ع کي جڏهن سب ڪميٽي ڪ??يئر ڪندي تڏهن ان تي عمل ٿيندو. سرڪاري اسڪيم ۾ 25 هزار ۽ پرائيويٽ اسڪيم ۾ 44 هزار حج پانڌيئڙا حج ڪري سگهندا. جيڪڏهن ڪو پرڏيهه ۾ آهي ته اهو ڊالرز ۾ ادائگي ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته حج پاليسيءَ تي ٻه سوال اُٿيا هئا جيڪي ڪ??يٽيءَ ڏانهن ريفر ڪيا ويا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ قومي ورثي بابت نگران وفاقي وزير جمال شاهه چيو ته افغانستان ۾ سڀ کان وڌيڪ موسيقار آهن، جيڪڏهن هو قانوني طريقي سان اچن ٿا ته انهن کي سهولت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته مجاهدن ۽ طالبان ڪيترن ئي فنڪارن کي بيدرديءَ سان قتل ڪي??.
غير قانوني طور رهندڙ ماڻهن کي گهر ڪِرائي تي ڏيندڙ پاڪستاني به ڏوهه ۾ برابر جا شريڪ آهن، ان ڪري موقعو آهي ته هو غير قانوني رهندڙ ماڻهن بابت اطلاع ڏين: سرفراز احمد بگٽي
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری