اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وار?? نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پي آءِ اي جي موجوده صورتحال هڪ ڏينهن ۾ پيدا ناهي ٿي، قومي فضائي ڪمپني جي نجڪاري پڻ نجڪاري جي فهرست ۾ شامل آهي. سينيٽ ۾ پي آءِ اي جي صورتحال بابت سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته پي آءِ اي جي صورتحال هڪ ڏينهن ۾ پيدا ناهي ٿي، اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ به نجڪاري جو هڪ منصوبو ڏنو ويو نگران حڪومت ان تي عمل ڪري رهي آهي، پي آءِ اي ۾ ملازمن جو وڌيڪ انگ ۽ ڀرتين جو معاملو پڻ رڳو ڪنهن هڪ حڪومت سان لاڳاپيل نه آهي، حڪومت ۽ پارليامينٽ جو استحقاق آهي ته اهي ڪهڙي طرح جي پاليسي اختيار ڪن ٿا، پي آءِ اي جي نجڪاري به نجڪاري جي فهرست ۾ موجود آهي. هن چيو ته پي ايس او به خودمختيار ادارو آهي، اهو بنا پئسي جي ٻارڻ ڪيئن فراهم ڪندو وڏي ??شڪل سان ??نڊ?? جو انتظام ڪري رڪيل اڏامن کي بحال ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته اهو معاملو ايندڙ اجلاس ۾ هوابازي وار?? نگران وفاقي وزير ۽ نجڪاري وار?? نگران وفاقي وزير جي موجودگي ۾ اٿاريو وڃي ته اهي بهتر جواب ڏئي سگهندا.
پي آءِ اي جي موجوده صورتحال هڪ ڏينهن ۾ پيدا ناهي ٿي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن