اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ملڪ جي مستقبل جي لاءِ سياسي پارٽيون معاشي سڌارن جي بهتري جو ٺوس پروگرام پيش ڪن، رڳو دل لڀائيندڙ واعدا ڪافي نه آهن، پر عملي قدمن جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ ”اليڪشن 2024ع: سياسي پارٽين جي اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا“ جي موضوع تي مقامي هوٽل ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسان چونڊن کان ڪجهه ڏينهن پري آهيون، چونڊون انشاءَ الله 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، ان ۾ ڪنهن ??ي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي. هن ??يو ته چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن پنهنجي موقف تي قائم آهي، اليڪشن ڪميشن واحد ادارو آهي جنهن ??ونڊن جو شيڊيول ڏنو آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي ڪنهن ٻئي اداري جي اختيار ۾ نه آهي. هن ??يو ته اسان اليڪشن ڪميشن جون مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي ضرورتون پوريون ڪنداسين. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته سياست معيشت ۽ معاشي مفادن جو ڳانڍاپو آهي، پاڪستان جي معاشي صورتحال ۾ بهتري جي ضرورت آهي. هن ??يو ته ملڪ جي جي ڊي پي جو هڪ چوٿون حصو زراعت مان اچي ٿو پر ان شعبي کان ٽيڪس جي وصولي تمام گهٽ آهي. هن ??يو ته ملڪ جي آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي جنهن سان صحت ۽ تعليم جهڙن شعبن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پاڪستان جي سياسي ڪلچر ۾ به تبديلي جي ضرورت آهي. سياسي پارٽين کي پنهنجي تڪن کي رڳو ووٽ جي لاءِ استعمال ڪرڻ بدران قانونسازي ۽ ملڪ جي مسئلن جي حل تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته 2024ع جون چونڊون اه?? چونڊون هونديون، اسان کي سياسي پارٽين جي منشور جي حقيقي پسنداڻي هجڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي. هن ??يو ته اسان کي آبادي جا مسئلا پڻ درپيش آهن جنهن جي ڪري اسان کي تعليم ۽ صحت جي شعبي تي دٻاءُ کي منهن ??يڻو پئجي رهيو آهي. هن ??يو ته سياست ضرور ڪريو پر ملڪ جي مستقبل تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، ملڪ جي معاشي رخ تي سڀني جو اتفاق هجڻ گهرجي. هن ??يو ته پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، غير چونڊيل ماڻهن ??ي اه?? اختيار نه آهي ته اه?? ملڪ جي مستقبل جو فيصلو ڪن. هن ??يو ته مستقبل جي حڪومت ۽ قومي سياسي پارٽيون حقيقت پسنداڻي معاشي سڌارن جي ايجنڊا سامهون آڻين، حقيقت پسنداڻا پروگرام ڏين ۽ دل لڀائيندڙ واعدن بدران اهڙان واعدا ڪن جن تي انهن ??ي يقين هجي ته اه?? اه?? ڪم ڪري سگهندا. سيمينار ۾ معاشي ماهرن ۽ صحافين پڻ شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر طارق محمود خان پڻ ان موقعي تي موجود هئا.
ملڪ جي مستقبل جي لاءِ سياسي پارٽيون معاشي سڌارن جي بهتري جو ٺوس پروگرام پيش ڪن، رڳو دل لڀائيندڙ واعدا ڪافي نه آهن، پر عملي قدمن جي ضرورت آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری