اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب روينيو موبلائزيشن انويسٽمينٽ ۽ ٽريڊ پر??گرام (ريميٽ) تي مجموعي اڳڀرائيءَ کي ساراهيندي مختلف شراڪتدارن کي پر??گرام تحت حتمي نتيجن جي فوري عملدرآمد لاءِ وڌيڪ فعال ۽ اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها ڳالهه هن گذريل ڏينهن هتي ريميٽ پر??گرام جي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي. ڪميٽيءَ جي اجلاس جو مقصد ڪميٽيءَ جي گذريل اجلاس ۾ محصولن کي متحرڪ ڪرڻ، سيڙپڪاريءَ جي ماحول، واپار ۽ ڪلي معيشت جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ هو. پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ، مختلف حڪومتي وزارتن جي اعليٰ اختيارين جن ۾ منصوبا بندي وزارت، ناڻو، واپار، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت، بورڊ آف انويسٽمينٽ، ايف بي آر ۽ ريميٽ جي عملدرآمدي شراڪتدارن، عالمي بئنڪ، جي سي ايس آءِ ۽ اي ايس آءِ شامل هئا، انهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف شعبن خاص ڪري محصولن کي متحرڪ ڪرڻ، سيڙپڪاريءَ جي ماحول، ملڪي معيشت جي گورننس، واپار ۽ موسمياتي تبديلين جي شعبي ۾ شراڪتدارن طرفان ڪيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ان اڳڀرائيءَ جو مقصد ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي مضبوط بنائڻ ۽ پائيدار ۽ جامع ترقيءَ لاءِ سازگار حالتون فراهم ڪرڻ آهي. وفاقي وزير پر??گرام تي مجموعي اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ مخت??ف اسٽيڪ هولڊرز کي هدايت ڪئي ته هو پر??گرام تحت حتمي نتيجن جي فوري عملدرآمد لاءِ وڌيڪ سرگرم ۽ اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪن.
ناڻي واري وزير جي ريميٽ تي مجموعي اڳڀرائيءَ جي تعريف
مضمون کا ماخذ : apostas quina