رياض – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف پنهنجو 2 ڏينهن جو سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري وطن روانو ٿي ويو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم پنهنجي سعودي عرب جي دوري دوران رياض ۾ منعقد ون واٽر سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وز??راعظم دنيا کي مستقبل ۾ پاڻي جي کوٽ کان بچائڻ جي لاءِ 6 نقاطي ايجنڊا تجويز ڪئي ۽ پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي ماحول??ات?? تبديلي جي خطرن جي ڪري مشڪلاتن ۽ چئلينجز تي پڻ روشني وڌي. وز??راعظم جي رياض ۾ سعودي عرب ج?? ولي عهد ۽ وز??راعظم شهزاده محمد بن سلمان آل سعود سان پڻ ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪ سعوديه لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ ۽ انهن ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان سعودي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي عملدرآمد جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وز??راعظم جي فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان پڻ ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پيشيواراڻي مهارتن ۾ ترقي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي شعبن ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن جي ذريعي تعاون وڌائڻ تي اتفاق ٿيو.
وزيراعظم 2 ڏينهن جو سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري وطن روانو
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará