اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف واپار واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ نيشنل ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ بورڊ جو اجلاس ايندڙ هفتي گهرائڻ ۽ بلوچستان جي سرحدي ضلعن جي لاءِ روزگار جا پائيدار موقعا وڌائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ واپار واري وزارت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم پنهنجي جاري ڪيل هدايتن جي تعميل تي واپار واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي ??اڪ??تاني روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ نيشنل ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ بورڊ جو اجلاس ايندڙ هفتي گهرائڻ جي هدايت ڪئي. هن بلوچستان جي سرحدي ضلعن جي لاءِ روزگار جا پائيدار موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ملائيشيا کي ??اڪ??تاني چانور جي برآمدات وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ قدمن جي پڻ ??دايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم جي ??اڪ??تان جي تازي دوري ۾ ??اڪ??تان مان ملائيشيا کي چانور جي برآمدات وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. هن هدايت ڪئي ته ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ ??اڪ??تان ۾ موجود خصوصي اقتصادي زونز کي فعال ڪيو وڃي ۽ انهن ۾ هوٽل، اسپتال، بزنس اسڪول ۽ ٻيون سروسز فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم ڪڻڪ، ڪپهه، ڪمند، چانور، کاڄرو تيل ۽ ٻين وڏين فصلن جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ ڪابينا جي خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جي پڻ ??دايت ڪئي. بيان موجب ڪابينا ڪميٽي وڏين فصلن جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ ماهرن جي راءِ تي ٻڌل سفارشون پيش ڪندي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي زرعي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ قدمن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته روس سان بارٽر ٽ??يڊ تحت زرعي جنسن جي واپار جي لاءِ ٻن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿي چڪيون آهن، تاجڪستان جي حڪومت ??اڪ??تان سان ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ تعاون ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. اجلاس ۾ واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪ??ال خان، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضل ۽ لاڳاپيل ادارن جا آفيسر شريڪ هئا.
وزيراعظم پاران واپار واري وزارت جي ڪارڪردگي جي واکاڻ، روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ نيشنل ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ بورڊ جو اجلاس ايندڙ هفتي گهرائڻ ۽ بلوچستان جي سرحدي ضلعن جي لاءِ روزگار جا پائيدار موقعا وڌائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی