اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ ٻن مختلف آپريشنز دوران 7 خوارج جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم دهستگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي فورسز سان گڏ آهي، دهشتگردي جي لعنت جي م??مل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکنداسين. ايوان صدر جي پ??يس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري ڪامياب ڪاررواين دوران 7 خوارج مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صد?? جو دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻڻ تي لانس نائيڪ محمد امين شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر آصف علي زرداري لانس نائيڪ محمد امين شهيد جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر آصف علي زرداري لانس نائيڪ محمد امين شهيد جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر لانس نائيڪ محمد امين شهيد جي درجن جي بلندي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر ملڪ مان فتنه الخوارج جي م??مل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
صدر پاران سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II