گڏيل قومون-03 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيوگوتريش چيو آھ?? ته اسرائيل، آمريڪا ۽ فرانس جي جنگبندي جي تجويز کي رد ڪندي نه رڳو پنھنجن حملن ۾ شدت پيدا آڻي لبنان ج?? گادي واري شھر بيروت سميت سڄي ملڪ ۾ فضائي حملا ڪيا آھ?? پر ڏکڻ لبنان ۾ زميني فوجي ڪارروائي پڻ شروع ڪري ڇڏي آھ??. لبنان ۾ اسرائيل جي حملن سبب پيدا ٿيل صورتحال تي غور لاءِ سڏايل سلامتي ڪائونسل جي ھنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي جنرل سيڪريٽري چيو ته تڪرار جي شدت ۾ اضافو علائقي جي ماڻھن کي تيزي سان بدحالي ۽ زوال ڏانھن ڌڪي رھيو آھ??. ھن چيو ته ھاڻ ان غيرانساني صورتحال کي ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آھ??. ھن چيو ته ھڪ ڇڪتاڻ وڌيڪ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي ٿي. ھن عالمي برادري کي خبردار ڪيو ته وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ انھن وٽ تمام گھٽ وقت بچيو آھ??. ھن چيو ته اسرائيل ۽ لبنان جي سرحد تي ڪيترين سالن کان تڪرار جاري آھ??، پر گذريل سال آڪٽوبر ۾ سياسي تڪرار جي شدت ۾ اضافو ٿيو آھ??. ھن ان ڳالھه تي زور ڀريو ته ڇڪتاڻ ڊامائي انداز ۾ وڌي وئي آھ??.
وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ عالمي برادري وٽ گھٽ وقت آھي: گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری