اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظ?? محمد نواز شريف پنهنجي سياسي زندگي ۾ سدائين عوا?? جي خدمت کي ترجيح ڏني. هو اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائي رهي ??ئي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته تحريڪ انصاف وزيراعظ?? جي ٻا??ن جي جنهن ڊيڊ جي خلاف هئي، ان ئي موقف تان هٽندي اڄ پي ٽي آءِ اها ڊيڊ تسليم ڪري ورتي آهي، عدالت جيڪي سوال اٿاريا آهن انهن تي اسان جا وڪيل، جن جا دليل پي ٽي آءِ جي وڪيل جا دليل ختم ٿيڻ کانپوءِ شروع ٿيندا، انهن جي دليلن ۾ سموريون شيون واضح ٿي وينديون. هن چيو ته 2013ع کان اڄ تائين هر ڪوشش ڪئي وئي ته ترقي جا منصوبا روڪيا وڃن.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس