اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ڀاڻ تي سبسڊي برقرار رکڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آبادگار پاڪستان جي معي??ت ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. جمعي ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته زراعت ملڪي معي??ت ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿي ۽ جي ڊي پي گروٿ ۾ اضافي لاءِ شاندار فصل حاصل ڪرڻ لاءِ آبادگارن کي سهولتون ڏيڻ گهرجن. ڀاڻ تي سبسڊي لاءِ 28 ارب روپيا مختص ڪيا ويا هئا جن??ن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جو برابر حصو هو. 28 ارب روپيا خرچ ٿيڻ تي خوراڪ جي قومي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ۽ فنانس ڊويزن ڀاڻ تي وڌيڪ سبسڊي ختم ڪري ??ڏي هئي تنهن هوندي به وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته ڀاڻ تي سبسڊي جاري رک?? وڃي ته جيئن آبادگار برادري ??ي ان جو فائدو ملي ۽ شاندار فصل حاصل ڪرڻ جو هدف پورو ٿي سگهي.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا