اسلام آباد ??? 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته تربيلا فور توسيعي منصوبو حڪومت جي ڪوششن سان وقت سر ۽ مقرر قيمت ۾ مڪمل ٿيو آهي، عالمي بئنڪ جي مدد سان منصوبو مڪمل ٿيو، اسان جرمني جي ٺيڪيدارن، برطانيه جي ڪنسلٽنٽ، چين جي ٺيڪيدارن ۽ ترڪي جي ماهرن جي مدد سان 470 ??يگ??واٽ جو منصوبو وقت سر مڪمل ڪيو آهي، جون تائين 1410 ??يگ??واٽ جو منصوبو مڪمل ڪنداسين، جيڪو توانائي جي ملڪي ضرورتن جي وقت سر تڪميل ۾ مددگار ثابت ٿيندو، ان سان نه رڳو مناسب وقت تي بجلي جي ضرورت پ??ري ٿيندي پر سستي ۽ ماحولياتي آلودگي کان پاڪ بجلي فراهم ٿي سگهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تربيلا فور توسيعي منصوبي جي پهرين يونٽ جو ??فت??اح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا