اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) نگران وز??را??ظم قبائلي علائقن (فاٽا) جي عوام کي تحفظ جو احساس فراهم ڪرڻ لاءِ ضم ڪرڻ جي عمل کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن (فاٽا) جي ??يب??پختونخوا ۾ ضم ڪرڻ جي حوالي سان رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ان عمل کي خوش اسلوبي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ان ڳالهه جو فيصلو نگران وز??را??ظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ جي صدارت ۾ فاٽا سڌارن تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزي اجلاس ۾ ڪيو ويو. وز??را??ظم آفيس ۾ منعقد اجلاس ۾ قانون واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر، وز??را??ظم جي سيڪريٽري، سيفران، ناڻي ۽ منصوبابندي ڊويزن جي سيڪريٽرين، چ??ف سيڪريٽري ??يب??پختونخوا، اي سي ايس فاٽا ۽ ٻين سينئر عملدارن ش??ڪت ڪئي.
نگران وزيراعظم پاران فاٽا انضمام بابت عمل تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ