اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا اي سي ا??ل ۾ وڌل 172 ماڻهن جي نالن تي نظرثاني جي لاءِ معاملو اي سي ا??ل جائزه ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 3 ججن جي اضافي، غربت مٽائو ادارن کي گڏ ڪري غربت مڪائو ڪوآرڊينيشن ڪائونسل قائم ڪرڻ، ڳڙهه جي پيداوار ۽ ايڪسپورٽ تي لاڳو پابندي هٽائڻ، بي آر ٽي پشاور جي لاءِ 123 ملين يورو جو قرض، تيل ۽ گئس جي ڊرلنگ جي لاءِ هيوي مشينري تي ا??ڊيشنل ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي منطوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس دوران وزيراعظم عمران خان مهانگائي تي نوٽيس ورتو ۽ ڀاڄين، ميون ۽ ٻين ضروري شين جي قيمتن ۾ استحڪام جي لاءِ عملي قدمن تي زور ڏنو.
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔