دادو-09 آگسٽ (اي پي پي) پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ دادو ضلعي جي جوهي واري علائقي ۾ پهتو ۽ نئين گاج جي پاڻي سبب متاثر ٿيل ڪٽنبن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو. جڏهن ته ٻوڏ واري صورتحال ۽ امدادي ڪمن جو جائزو ورتو. هن چيو ته بلو??ست??ن مان ايندڙ پاڻي نئين گاج ۽ منڇر ڍن?? ۾ ??يندو آهي. سنڌ جي نااهل حڪمرانن اهو معلوم به نه ڪيو ته هن ڀيري پاڻي وڌيڪ ايندو ۽ اهڙي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيندي. ٻوڏ واري صورتحال سبب 200 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته وڏي تعداد ۾ چوپايو مال پڻ پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي. هن چيو ته متاثرين جي هر ممڪن م??د ڪئي ويندي. سنڌ جي اداري پي ايم ڊي سميت مختلف ٻين ادارن کي اڳ ۾ پهچڻ گهرجي ها. حليم عادل شيخ چيو ته اهو سنڌ جي وڏي وزير جو تڪ آهي جڏهن ته هتان جو ڪو به والي وارث ناهي. گذريل ڏينهن رهواسي وڻن تي چڙهي مدد گهري رهيا هئا. هن چيو ته مدد لاءِ فوجي ٽيمون پهچي ويون آهن، فوجي جوان علائقي واسين جي م??د ڪري انهن کي محفوظ جاين تي پهچائي رهيا آهن ۽ کائڻ پيئڻ جو سامان پهچايو پيو وڃي.
پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ جو جوهي جو دورو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ