ڪولمبو – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان پنهنجي سريلنڪن هم منصب مهندا راجا پاڪسي جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي دوري تي سريلنڪا پهچي ويو آهي. سريلنڪا جي وزيراعظم مهندا راجا پاڪسي ايئرپورٽ تي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو، ٻارن وزيراعظم کي گلدستا پيش ڪيا، و??يراع??م عمران خان جي اعزاز ۾ سريلنڪا جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا ۽ توپن جي سلامي ڏني وئي. وزيراعظم گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو، ان کانپوءِ سريلنڪا جي وزيراعظم، و??يراع??م عمران خان جو سريلنڪن ڪابينا ۽ وزيراع??م عمران خان سريلنڪا جي وزيراعظم کي پنهنجي وفد جي ميمبرن سان تعارف ڪرايو. پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ري??ي، و??يراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار سيد ذوالفقار عباس بخاري به دوري دوران وزيراعظم سان گڏ آهن. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراع??م عمران خان جو سريلنڪا جو اهو پهريون دورو آهي.
وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي سريلنڪا پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ