اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سعودي عرب جي هٿياربند فوج جي چيف ??ف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حميد الرويلي ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان وفد جي آجيان ڪئي ۽ شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو ??ظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني عوام سدائين سعودي قيادت جو ??اص احترام ڪيو آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن جو ??ڪر ڪندي سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي ع??م ۽ حمايت جو هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم عمران خان ۽ سعودي عرب جي هٿياربند فوج جي چيف ??ف جنرل اسٽاف جي وچ ۾ ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ سعودي عرب ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته تازو ئي قائم ٿيندڙ سعودي پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط دفاعي لاڳاپن تي اطمينان جو ??ظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ايندڙ سالن ۾ ٻط??فو دفاعي تعاون وڌيڪ وڌندو. سعودي عرب جي هٿياربند فوج جي چيف ??ف جنرل اسٽاف پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ بهترين تعاون جو ??ڪر ڪندي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو. ملاقات ۾ ي??ن جي تازي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم يمن جي تڪرار کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ??ظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ سعودي عرب پاران ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. پاڪستان ۽ سعودي عرب جا پراڻا ۽ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جن جون پاڙون گڏيل عقيدي، گڏيل تاريخ ۽ گڏيل تعاون ۾ ڳنڍيل آهن جڏهن ته دورن جي باقاعده ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپن جي عڪاس آهي.
وزيراعظم عمران خان سان سعودي عرب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حميد الرويلي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔