اسلام آباد – 07 – ??ڪٽ??بر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته فري فائر پا??ستان ليگ ٽورنامينٽ سان اي اسپورٽس کي فروغ ملندو. نوجوان اي اسپورٽس ۾ عالمي سطح تي پا??ستان جو نالو روشن ڪندا. پا??ستاني نوجوانن ۾ اي اسپورٽس ڪلچر کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن فري فائر پا??ستان ليگ جي فائنل مقابلن ۾ حصو وٺندڙ 12 ٽيمن جي اڳواڻن سان ڳالهائيندي ڪئي. فواد حسين چيو ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو قومي سطح تي اي اسپورٽس جو انعقاد خوش آئنده آهي، هن چيو ته فري فائر پا??ستان ۾ ٿيندڙ پهريون اي اسپورٽس ٽورنامينٽ آهي جيئن جيئن اسان اڳتي وڌنداسين ان جا ثمر اچڻ شروع ٿيندا، چوڌري فواد حسين چيو ته ڪورونا وبا دوران پا??ستاني نوجوانن کي اي اسپورٽس جي ضرورت ۾ هڪ وڏو موقعو ميسر آيو آهي، پا??ستاني ٻار به هاڻي اي اسپورٽس ۾ حصو وٺي وڏا انعام کٽي سگهن ٿا. هن چيو ??ه گيرينا دنيا جي مشهور ڪمپني آهي جيڪا بيڪو جي تعاون سان پا??ستان ۾ فري فائر قومي ٽورنامينٽ جو انعقاد ڪري رهي آهي، فري فائر گيم ۾ هڪ ڪروڙ روپين تائين جا انعام آهن، قومي سطح جي مقابلن ۾ کٽيندڙ ٽ??م عالمي سطح تي ٿيندڙ مقابلن ۾ حصو وٺي سگهندي. چوڌري فواد حسين چيو ته راندين ۾ وڌيڪ دلچسپي رکندڙ ٻارن وٽ موقعا آهن ته هو ننڍي عمر ۾ وڏي رقم کٽي سگهن ٿا، ملاقات ۾ قومي سطح جي فائنل مقابلن ۾ شرڪت ڪندڙ 12 ٽيمن جي ٽيم ليڊرن سميت بيڪو جي ڏکڻ ايشيا جي ريجنل هيڊ جان زانگ ۽ ٻيا نمائندا به موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين فري فائر گرينڊ فائنل ايونٽ ۾ حصو وٺندڙ سڀني ٽيمن جي جرسين تي صحيح ڪيون ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. فري فائر پا??ستان ليگ جو گرينڊ فائنل 10 ??ڪٽ??بر تي پي سي هوٽل ڪراچي ۾ ٿيندو. گرينڊ فائنل ايونٽ فري فائر اي اسپورٽس پا??ستان جي ٽيوب چئنل ۽ فين پيج سميت پي ٽي وي تي سڌو سنئون نشر ڪيو ويندو.
فري فائر پاڪستان ليگ ٽورنامينٽ سان اي اسپورٽس کي فروغ ملندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن