لاهور – 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان ??يو آهي ته ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊون ٽن مهينن ۾ ڪرايون وي??ديون. گورنر هائوس لاهور ۾ پارٽي ورڪرز ۽ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي هن ??يو ته هن ڀيري پاڪستان تحريڪ انصاف هيٺين سطح تي مناسب مشاورت کانپوءِ پنهنجي نظرياتي ڪارڪنن کي ٽڪيٽ ڏيندي. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر عمر سرفراز چيمه، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، اڳوڻن وفاقي ۽ صوبائي وزيرن سميت ٻيا به موجود هئا. وزيراعظم ??يو ته آئنده ٽڪيٽس جي نگراني پاڻ ڪندس، هن ??يو ته ماضي ۾ پارٽي ٽڪيٽ ڏيندي ڪجهه غلطيون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ قيمت ادا ڪرڻي پئي، تنهن هوندي به هاڻي انهن غلطين مان سکنداسين. هن اميد ظاهر ڪئي ته عوام ايندڙ چونڊن ۾ انهن سياستدانن کي سبق سيکاريندي جيڪي غير ملڪي سازش جو حصو بڻيا آهن، هن ??يو ته انهن غدارن ملڪ جي آزاد ??رڏيهي پاليسي کي ختم ڪرڻ جو منصوبو بڻايو آهي ۽ اسان انهن غدارن جي خلاف هر قيمت تي ۽ هر فورم تي وڙهنداسين، وزيراعظم اعلان ڪيو ته اڄ رات عشاءِ جي نماز کانپوءِ ايف نائن پارڪ اسلام آباد ۾ پرامن احتجاج ڪيو وي??دو، هن ??يو ته سازش جو حصو بڻجندڙ عنصرن جي سياست ايندڙ اليڪشن ۾ ختم ٿي وي??دي، ان موقعي تي وزيراعظم ع??ران خان شفقت محمود کي روزاني لاهور ۾ احتجاج ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيمه کي به مبارڪباد ڏني.
ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊون ٽن مهينن ۾ ڪرايون وينديون: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن