اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ??اڪ??تان ۽ ڪئناڊا جي واپاري لاڳاپن ۾ وڌيڪ فروغ وقت جي ضرورت آهي، ??اڪ??تان ۽ ڪئناڊا جي لاڳاپن جي تاريخي نوعيت آهي، افغانستان جي لاءِ ڪئناڊا جي انساني بنيادن تي مدد خوش آئنده آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اها ڳالهه ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير ميلاني جولي سان وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهه ٻولهه دوران ڪئي. ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير ??اڪ??تان جي پرڏيهي وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد ڏني. ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير ??اڪ??تان جي قيام جي ڊائمنڊ جوبلي جي پڄاڻي جي موقعي تي پنهنجي ??اڪ??تاني هم منصب بلاول ڀٽو زرداري سان ڳالها??ين??ي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير ميلاني جولي عالمي ۽ علا??قا??ي لاڳاپن تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير ۽ سندس ڪئناڊا جي هم منصب گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي واپاري لاڳاپن ۾ وڌيڪ فروغ وقت جي ضرورت آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔