راولپنڊي – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ پاڪ ف??ج جون امدادي سرگرميون جاري آهن، ما??هن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ ۽ راشن ورهائڻ لاءِ 200 هيليڪاپٽر اڏامون هلايون ويون آهن. آءِ ايس پي آر مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ ۾ پاٿل 1991 ما??هن کي ڪڍيو ويو آهي ۽ 162.6 ٽن امدادي سامان ٻوڏ متاثرن تا??ين پهچايو ويو آهي. هن وقت تا??ين 50 هزار کان وڌيڪ ما??هن کي آفت سٽيل علائقن مان محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان، ڪي پي ڪي جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 147 ريليف ڪيمپون 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيون آهن. هن وقت تا??ين 60 هزار کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي ۽ مريضن کي 5 ڏينهن تا??ين جون مف?? د??ائون فراهم ڪيون ويون آهن. سڄي ملڪ ۾ 221 فلڊ ريليف آئٽمز ڪليڪشن پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن. 1350 ٽن کان وڌيڪ خوراڪ/ دوائون ۽ ٻيون غذائي شيون جمع ڪيون ويون آهن.
پاڪ فوج جون ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جون ڪوششون جاري
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ