اسلام آباد- 13 سيپٽمبر (اي پي پي) تازين طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ تباهي جي نتيجي ۾ 1000 کان وڌيڪ قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن. پاڪ فضائيه جا اهلڪار ٻوڏ کانپوءِ ب??ال?? جي ڪوششن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيا آهن?? خيبرپختونخوا، بلوچستان، سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪ فضائيه طرفان ب??ال?? جي عمل ۽ امدادي ڪاررواين کي وڌيڪ وسيع ڪيو ويو آهي. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب گذ??يل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن ضرورتمند خاندان?? ۾ 23655 تيار کاڌي جا پيڪيٽ، 1531 پاڻي جون بوتلون ۽ 3909 بنيادي غذائي جنسن تي ٻڌل خشڪ راشن جا پيڪٽ ورهايا، مفت خوراڪ ۽ رهائش جي فراهمي کانسواءِ پاڪ فضائيه جي فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ميڊيڪل ٽيمن 236 مريضن جو طبي معائنو پڻ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ