اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي تي کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته علامه اقبال هڪ تاريخ ساز شاعر، عظيم فلسفي ۽ مفڪر هو، سندس فلسفو خودي پوري انساني?? جي لاءِ مشعل راهه آهي. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڊاڪٽر علامه محمد اقبال خودي جو ولولا انگيز پيغام ڏئي ٻ??ن تي دارومدار ڪرڻ بدران نوجوان نسل کي پنهنجي دنيا پاڻ پيدا ڪرڻ جو حڪيماڻو درس ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قوم عظيم شاعر ۽ مف??ر ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته علامه اقبال جي خ??اب کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي لاءِ اسان اڳ کان به و??يڪ ۽ سخت محنت ڪنداسين.
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ