استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي واپارين تي زور ڏن?? آهي ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻندي توانائي جي ??عبي خا?? طور تي قابل تجديد ذريعن ۾ سيڙپڪاري ڪن، پاڪستان حڪومت انهن کي ان ڏس ۾ مڪمل تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار استنبول ۾ ترڪيه جي ناليواري ڪاروباري شخصيتن سان نويڪلائي ۾ ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم سان ملاقات ۾ پاڪ ياتريم، انادولو گروپ، زورلو انرجي، البيرڪ ۽ گوريس هولڊنگز جي وفدن جي قيادت انهن ڪمپنين جي مالڪن ۽ سي اي اوز ڪئي. وزيراعظم پاڪستان جي معيشت جي ??رقي ۾ ترڪيه جي پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ ڪاروباري ادارن جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم واپارين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن. هن ترڪيه جي واپارين کي پاڪستان حڪومت جي مڪمل تعاون جي ??اطري ڪرائي. ترڪ واپارين وزيراعظم جي ??ن قدم کي ساراهيو ۽ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ جي ??اطري ڪرائي.
ترڪيه جا واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻندي توانائي جي شعبي خاص طور تي قابل تجديد ذريعن ۾ سيڙپڪاري ڪن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری