اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي 10 کان 12 ڊسمبر تائين پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪن??و. ??رڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل دوري دوران 5 رڪني وفد جي قيادت ڪندو، نومبر 2021ع ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هي سندس پاڪستان جو پهريون باقاعده دورو هون??و. ??نهنجي دوري دوران اسلامي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري جنرل وزيراعظم سان ملاقات ڪندو ۽ پرڏيهي وزير سان وفدن جي سطح تي ملاقاتون ڪندو، هو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ۽ واپار واري وفاقي وزير سان پڻ ملاقات ڪندو. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو پڻ دورو ڪن??و. ??طرفي ڳالهه ٻولهه دوران او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل ۽ پرڏيهي وزير او آءِ سي جي ايجنڊا تي موجود ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، اسلامو ??وب??ا ۽ افغانست??ن ۾ انساني صورتحال سميت ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. بيان موجب ان جي ان دوري سان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، سماجي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ??و موقعو پڻ ملن??و. ??اڪستان او آءِ سي جي باني ميمبر جي حيثيت سان تنظيم ۾ اسلامي يڪجهتي، اتحاد ۽ مڪالمي جي فروغ لاءِ ڪوششون جاري رکندو. اسلامي تعاونت نظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي سربراهه جي حيثيت سان پاڪستان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپار، ڪامرس، فوڊ سيڪيورٽي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون کانسواءِ تڪرارن کي حل ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي جي امن ۽ سلامتي جي ڍانچي کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪيو آهي، افغانستان کي سنگين انساني امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي ٽرسٽ فنڊ قائم ڪيو آهي جڏهن ته اسلامو ??وب??ا جي ڪڌي مظاهري کي منهن ڏيڻ ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قائداڻو ڪردار فراهم ڪيو آهي. بي??ن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته او آءِ سي جي سيڪريٽري جو دورو ان ڳالهه تي خيالن جي ڏي وٺ ??و موقعو فراهم ڪندو ته او آءِ سي هڪ ارب 90 لک مسلمانن جي امنگن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙي طرح پاڻ کي وڌيڪ متحرڪ ڪري سگهي ٿي جن جي هو نمائندي ڪري ٿي.
او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي 10 کان 12 ڊسمبر تائين پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن