ويلنيئس – 21 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري ليٿوانيا جي پرڏيهي وزير گيبريلس لئ??ڊس??رگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن بشمول واپار، سيڙپڪاري ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ??ي. ??نهي وزيرن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ??ي. ??رڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري ۽ ليٿوانيا جي پرڏيهي وزير گيبريلس لئ??ڊس??رگ ٻطرفي مشاورتي مڪينزم قائم ڪرڻ بابت معاهدي تي پڻ صحيحون ڪيون.
پرڏيهي وزير ليٿوانيا جي گادي واري شهر ولنيئس جي تاريخي دوري تي آهي، اهو ڪنهن به پاڪستا??ي پرڏيهي وزير پاران بالٽڪ علائقي جو پهريون دورو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري ليٿوانيا جي پارليامينٽ جو دورو ڪيو ۽ ليٿوانيا جي آزادي جي جدوجهد ۾ جانيون قربان ڪندڙن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي.
پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ليٿوانيا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر وڪٽوريا سميليتي نيلسن سان پڻ ملاقات ڪئي. بلاول ڀ??و زرداري عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پارلياماني مٽاسٽا جي اهميت کي ورجايو.
پرڏيهي وزير ليٿوانيا جي ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات واري وزير ماريئس اسڪوڊيس سان پڻ ملاقات ڪئي. ٻنهي وزيرن ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.