اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪس??ان گڏيل عرب امارات سان واپار ۽ سيڙ??ڪا??ي سميت مختلف شعبن ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حي??ت بائيو ٽيڪ جي چيئرمين ۽ گڏيل عرب امارات جي حڪمران خاندان جي ميمبر شيخ احمد دلموڪ المڪتوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هڪ وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪس??ان گڏيل عرب امارات سان واپار ۽ سيڙ??ڪا??ي سميت مختلف شعبن ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم حي??ت بائيو ٽيڪ پاران پاڪس??ان جي فارماسيوٽيڪل سيڪٽر خاص طور تي ويڪسين جي تياري ۾ سيڙ??ڪا??ي ۾ گهري دلچسپي جي آجيان ڪئي. هن دورو ڪندڙ وفد کي قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ سيڙ??ڪا??ي جي ترغيب پڻ ڏني ۽ يقين ڏياريو ته غيرملڪي سيڙ??ڪا??ن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي ويندي. شيخ احمد دلموڪ المڪتوم چيو ته هو پاڪس??ان ۾ سيڙ??ڪا??ي جي وسيع موقعن کان آگاهه آهي. هن چيو ته گڏيل عرب امارات توانائي ۽ صحت جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وسعت ڏيڻ چاهي ٿو. هن پاڪس??ان ۾ گڏيل عرب امارات جي سيڙ??ڪا??ي جي پورٽ فوليو کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. معزز مهمان وزيراعظم کي سنڌ حڪومت ??ي تعاون سان شروع ڪيل 1200 ميگاواٽ جي پاور پلانٽ منصوبي بابت پڻ ٻڌايو جيڪو شمسي ۽ هوا سان توانائي جو هڪ هائبرڊ پاور پلانٽ هوندو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، نيشنل هيلٿ سروسز وارو وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.
پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔