پشاور – 22 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تر??ي ۽ روشن مستقبل جي لاءِ اعليٰ تعليم جو فروغ لازمي آهي، هن يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان جي تر??ي جي لاءِ گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، نگران وڏي وزير محمد اعظم خان ۽ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. اعليٰ سطحي اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ۽ انسپيڪٽر جنرل آف پوليس خيبرپختونخواهه پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ ص??بي جي انتظامي ۽ مال?? معاملن سميت امن امان جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ سڄي صوبي خاص طور تي ضم ٿيل ضلعن ۾ تر??يات?? معاملن بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. انضمام کانپوءِ قبائلي عوام کي درپيش مشڪلاتن ۽ مسئلن جي حل لاءِ آئين ۽ قانون موجب قدم کڻڻ بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. ملاقات ۾ ص??بي ۾ پبل?? سيڪٽرز يونيورسٽين ج?? مالي ۽ انتظامي مشڪلاتن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر چيو ته اعليٰ تعليم تمام اهم شعبو آهي ۽ خيبرپختونخواهه جون يونيورسٽيون ملڪ جي خوشحالي جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي مدد سان گريجوئيٽس جي انگ ۾ اضافو ڪري سگهن ٿيون. هن خيبرپختونخواهه جي يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي آن لائين تعليم جي ڪاٿي ۾ اضافو ڪن ۽ معياري فني ۽ پيشيواراڻي تعليم يافته افرادي قوت جو هڪ وڏو انگ پيدا ڪرڻ جي لاءِ مختلف شفٽس شروع ڪن جيڪي پائيدار تر??ي ۽ سماجي اقتصادي تر??ي جي لاءِ لازمي آهن. هن يونيورسٽيز انتظاميا کي چيو ته اهي پنهنج?? مالياتي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ گرانٽ ج?? ماهر جون خدمتون حاصل ڪن. نگران وڏي وزير محمد اعظم خيبرپختونخواهه جي يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز جي جلد مقرري جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي صوبائي حڪومت جي عملدارن يونيورسٽين جي موجوده مالياتي ۽ انتظام?? معاملن بابت بريفنگ ڏني.
ترقي ۽ روشن مستقبل جي لاءِ اعليٰ تعليم جو فروغ لازمي آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania