ڪوئيٽا – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪس??ان وفاق جي حيثيت سان پنهنجي ثقافتن، روايتن ۽ زبانن جي واڌويجهه سان سگهه حاصل ڪري ٿو، بلوچس??ان جو اصل سرمايو ان جا ماڻهو ۽ اتان جي تهذيب آهي، هزارين سالن جي تهذيب رکندڙ بلوچس??ان روشن روايتن جو امين آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪس??ان ٽيليويزن جي هزارگي زبان جي افتتاحي پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزي??اع??م چيو ته هزارگي زبان ۾ پي ٽي وي نشريات شروع ڪرڻ تي دلي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، هن خطي ۾ پشتو، بلوچي، هزارگي ۽ فارسي زبانُون موجود آهن. بلوچس??ان ۾ ڳالهائجندڙ هڪ ٻي زبان کي قومي سطح تي اجاگر ڪيو پيو وڃي. بلوچس??ان ۾ ميڊيا صنعت کي فروغ ڏيڻ اسان جي ترجيح آهي. هزاره برادري سان اسان جون محبتون پراڻيون آهن، بلوچس??ان ۽ ڪوئيٽا ۾ هزاره برادري جي هڪ سڃاڻپ آهي. هن چيو ته هزاره برادري ۾ هڪ وڏو انگ دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ شهيدن جو آهي، دهشتگردن بلوچستان جي هر طبقي کي نشانو بڻايو آهي، دهشتگردي جو مقابلو اسان سڀني کي گڏجي ڪرڻو آهي، بلوچس??ان جو اصل سرمايو ه??ان جا ماڻهو ۽ تهذيب آهي، بلوچس??ان ۾ رهندڙ سمورين برادرين کي هڪ جهڙا حق ميسر آهن. هن چيو ته پاڪس??ان ثقافتي سڃاڻپن جو گلدستو آهي جيڪو هڪ ٻئي کي مضبوطي سان پڪڙيل ۽ ڳنڍيل آهي. ٻين صوبن وانگر بلوچس??ان به نسلن ۽ قبيلن جو هڪ ڀرپور نمونو آهي، جتي انهن جي ثقافت ۽ قدر بلوچس??ان روايتن سان ڳنڍيل آهي. هن بلوچستان جي هزاره برادري کي ساراهيندي چيو ته ڪوئيٽا ۽ صوبي جي ترقي ۾ انهن جو ڪردار اهم آهي. هزاره برادري جي نمايان شخصيتن ۾ بلوچس??ان جو اڳوڻو گورنر جنرل (ر) محمد موسيٰ، سردار سادات ۽ برگيڊيئر خادم حسين شامل آهن جن پنهنجي ديانتداري سبب عزت حاصل ڪئي. هن دهشتگردي جي چئلينج جو مقابلو ڪرڻ تي هزاره برادري کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته دهشتگردي سان ملڪ جا سمورا طبقا متاثر ٿيا. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اتحاد سان قوم انهن عنصرن کي شڪست ڏئي سگهي ٿي، جيڪي برادرين ۾ نفرت ۽ فرق پيدا ڪن ٿا. نگران وزي??اع??م بلوچس??ان ۽ پاڪس??ان کي امن جو گهوارو ٺاهڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته امن سان فنون لطيفه کي فروغ ملندو آهي. نگران وزي??اع??م هزاره برادري کي انهن جي علائقائي زبان ۾ پي ٽي وي جي پروگرام جي شروعات تي مبارڪباد ڏيندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته باصلاحيت ڪميونٽي ان پليٽ فارم کي استعمال ڪري پنهنجي خوبصورت ثقافت کي اجاگر ڪندي. هن چيو ته پي ٽي وي هڪ تاريخي اثاثو آهي جنهن پنهنجي شاندار پروگرامن ذريعي قوم ۾ پذيرائي حاصل ڪئي. هن اداري جي ترقي لاءِ حڪومت پاران تعاون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ پي ٽي وي بولان جي نئين لوگو جو افتتاح پڻ ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پڻ خطاب ڪيو. هزارگي جي شاعر قادر نيل هزارگي زبان جي پروگرام جي تاريخي شروعات تي نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ ۽ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ان علائقائي پروگرام جي گلدستي ۾ هڪ خوبصورت اضافو ڪيو آهي. گلوڪاره زيبا نوري هزارگي لوڪ گيت ڳايو ۽ روايتي بلوچي ل??اس پهريل ٻارن هزارگي گانن جي ڌُنن تي رقص پيش ڪيو.
پاڪستان وفاق جي حيثيت سان پنهنجي ثقافتن، روايتن ۽ زبانن جي واڌويجهه سان سگهه حاصل ڪري ٿو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada