اسلام آباد-21 فيبروري (اي پي پي) تع??يم ۽ پيشوراڻي تربيت بابت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته نيوٽيڪ جي دائره ڪار کي صوبن تائين وڌايو وڃي، ان جي دائره ڪار ?? يونيورسٽين کي به شامل ڪرڻ داشمندي هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيوٽيڪ ??ي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ ??ي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نيوٽيڪ جي چيئرپرسن گل ??ينه بلا?? احمد کان علاوه تع??يم واري وزارت ??ي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته بحيثيت وزير طور سندس نيوٽيڪ جو ٻيو اجلاس هو. هن ڪميٽيءَ ??ي اهميت تي روشني وڌي ۽ ايندڙ حڪومت تي زور ڀريو ته اها به ان کي اهميت ڏي. هن چيو ته گذريل اجلاس ۾ هن عورتن جي ڪوٽا ۾ واڌ ڪئي جنهن تي عملدرآمد ڪيو ويو آهي ۽ اڄ هن چيئرپرسن کي هدايت ڪئي آهي ته نيوٽيڪ جي سمورن پروگرامن ۾ معذور ۽ کدڙن فقيرن جي ڪوٽا به وڌائي وڃي. هن چيو ته نيوٽيڪ جي دائره ڪار کي صوبن تائين وڌايو وڃي، نيوٽيڪ جي دائره ڪار ?? يونيورسٽين کي به شامل ڪرڻ دانشمندي آهي. مدد علي سنڌي سيڪريٽري تع??يم پنجاب ۽ سنڌ جي غير حاضريءَ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.
نيو ٽيڪ جي دائره ڪار ۾ يونيورسٽين کي شامل ڪرڻ دانشمندي هوندي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا