اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ماحوليات جي تحفظ، انساني صحت ۽ خوشحالي جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو مثبت ۽ ذميواراڻو استعمال ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ ٿي??دڙ ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز آف پاڪستان جي تقريب کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽرن ۽ فزيشنز تي زور ڏنو ته اهي ميڊيڪل سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ٿي??دڙ تيز ترين تبديلين مان فائدو کڻن، تازي دور ۾ ميڊيڪل سائنس وڏي تبديلين مان گذ??ي رهي آهي ۽ وقت سان گڏ ٽيڪنالاجي جي ترقي سان ميڊيڪل سائنس ۾ تحقيق ڪرڻ گهٽ خرچ ۽ آسان ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڊاڪٽرز ۽ فزيشنز کي بيمارين جي صحيح تشخيص جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه تي پڻ روشني وڌي ته انساني خلين ۽ جينز جي تجزيي سان بيماريون لڳڻ کان اڳ ئي سڃاڻپ ممڪن ٿي آهي، تنهن ڪري شاگردن کي معلومات يا?? رکڻ بدران ان جو تجزيو ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز جي تعليم جي شعبي جي قائم ڪيل معيار کي مثالي قرار ڏنو ۽ چيو ته هن پاڪستان ۾ ڊينٽسٽري جي شعبي جي ترقي جي لاءِ پڻ نمايان قدم کنيا آهن.
ماحوليات جي تحفظ، انساني صحت ۽ خوشحالي جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو مثبت ۽ ذميواراڻو استعمال ڪرڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار