اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) سعودي جي سيڙپڪاري واري نائب وزير ابراهيم المبارڪ چيو آهي، ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ترقي ۾ ٻه طرفو تعاون اهميت رکي ٿو، پاڪستان وٽ وسيلا ۽ صلاحيت موج??د آهي، سعودي سيڙپڪار پاڪستان جي ترقي ۾ مدد ڪندا، سعودي عرب جي تعمير ۽ ترقي ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ پاڪستاني ماهرن جو ڪردار سا??اهه جوڳو آهي. اهڙو اظهار هن پاڪستان سعودي عرب انويسٽمينٽ فورم 2024ع ??ي خطاب ڪندي ڪيو. سعودي سيڙپڪاري وارو نائب وزير جيڪو 50 رڪني سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي وفد جي اڳواڻي ڪندي پاڪستان جي 3 ڏينهن جي دوري تي آهي. پاڪستان سعودي عرب انويستمينٽ فورم 2024ع ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو. هن چيو ته هن وقت سعودي عرب ۾ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني ڊاڪٽرز، انجنيئرز، پروفيسرز ۽ ماهر پيشيور ماڻهو سعودي عرب جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ??صو وجهي رهيا آهن. هن چيو ته سعودي ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ هر وقت تيار آهن، سعودي معاون وزير ابراهيم المبارڪ چيو ته هن وقت پاڪستان جي اڪثريت سعودي عرب جي ويزن 2030ع تي تمام گهڻي محنت ڪري رهيو آهي ۽ سعودي ڪمپنيون به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ هر وقت تيار آهن. هن چيو ته پاڪستان وٽ وسيلا ۽ صلاحيت موج??د آهي. سعودي سيڙپڪار پاڪستان جي ترقي ۾ مدد ڪندا. پاڪستان سعودي عرب انويسٽمينٽ فورم 2024ع کي ناڻي واري وزير سينيٽر محمد او??نگزيب، واپار واري وزير ڄام ڪمال خان ۽ پيٽروليم واري وزير مصدق ملڪ ۽ ٻين به خطاب ڪيو.
پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ترقي ۾ ٻه طرفو تعاون اهميت رکي ٿو، پاڪستان وٽ وسيلا ۽ صلاحيتون موجود آهن ۽ سعودي سيڙپڪار پاڪستان جي ترقي ۾ مدد ڪندا: سعودي جي سيڙپڪاري وارو نائب وزير
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی